در در جا مسافر

در در جا مسافر

در در جا مسافر

در در جا مسافر (ڪتاب): هي ڪتاب مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامانگار عبـدالـقـادر جوڻيجي جي مختصر مضمونن ۽ ڪالمن تي مشتمل آهي. اهي مضمون ۽ ڪالم روزاني ڪاوش اخبار ۾ شايع ٿيل آهن، جن کي ليکڪ مضمون سڏي ٿو. ڪتاب جو مهاڳ ليکڪ پاڻ لکيو آهي. هيءُ ڪتاب چئن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي: پهرئين ڀاڱي ۾ ’گم ٿي ويل اشارا‘، ’خواهشون، دعائون، پاراتا، پسڻ ۽ اڳڪٿيون‘، ’موسم‘، ’ليکڪ، ڌراڙ ۽ ڍور‘، ’اٺ گهوڙا‘، ’ڍاٽڻ اٺ‘ وغيره. ٻئي ڀاڱي ۾ ’سنڌ جو نسلي گهاڙيٽو‘، ’در در جا مسافر‘، ’سرسوتي، هاڪڙو ۽ سنڌو درياهه‘، ’ويهين صدي ۽ اسان جو ٿر‘، ٽئين ڀاڱي ۾ ’ٻه اکر زميندارن ڏانهن به‘، ’روزگار جي بوريت ۽ خودڪشي‘، ’چر تي ساک‘، ’سنڌ ۾ ڌاڙا گرديءَ جي تاريخ‘ ۽ ’چوراڻيون ڳالهيون‘ وغيره مضمون شامل آهن، جڏهن ته چوٿين ڀاڱي ۾ ادبي مضمون: ’لطيف سائين ۽ سر رئيلزم‘، ’ڪارل سانگان جون ادب بابت ڳالهيون‘، ’ننڍڙين شين جو خدا‘، ’گنٿر گراس ۽ نوبل ادب انعام‘، ’اديب ۽ صحافي‘ وغيره شامل آهن. هيءُ مضمون ادب، علم الانسان، لوڪ ڏاهپ ۽ نفسيات جي موضوع تي لکيل آهن. ڊيمي سائيز جي 142 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي پهرئين ڇاپي جي قيمت 80 روپيا ۽ لائبرري ايڊيشن جي قيمت 100 روپيا آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو موهن جو دڙو پبليشنگ ايجنسي لاڙڪاڻي شايع ڪري 2001ع ۾ پڌرو ڪيو، جڏهن ته ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 2010ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پڌرو ڪيو. 232 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي.


لفظ در در جا مسافرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو